پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ٽيم پشاور زلمي جا ٻه اهم پرڏيهي رانديگر وطن روانو ٿي ويا.
تفصيل موجب ايونٽ ۾ ناقابل شڪست ٽيم پشاور زلمي جا بنگلاديشي رانديگر ناهيد رانا ۽ شرف اسلام نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز جي تيارين ۾ حصو وٺڻ لاءِ وطن روانا ٿي ويا آهن.
پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز خلاف ناهيد رانا 4 اوورن ۾ 24 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شوراف اسلام به شاندار بالنگ ڪئي.
ياد رهي ته ان ميچ لاءِ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ زلمي جي درخواست تي شرف الاسلام ۽ ناهيد رانا جي اين او سي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي هئي.
ٻنهي رانديگرن کان ڪيويز خلاف ون ڊي سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي جي اميد آهي.


