اسلام آباد ۾ ممڪنه ڳالهين لاءِ ايراني پرڏيهي وزير جي اڳواڻي ۾ وفد جي آمد جي خبر کانپوءِ وفاقي راڄڌاني ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي. ايڪسپريس نيوز موجب ايران-آمريڪا ڳالهين جي ٻئي مرحلي لاءِ ايراني وفد جي آمد جي خبر کانپوءِ سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي. اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ داخلا بند رهندي ۽ پوليس اهلڪارن کي پنهنجي ڊيوٽي تي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڙيل شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ميٽروبس سروس سميت پبلڪ ٽرانسپورٽ به بند آهي. ان کان اڳ حڪومت آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ريڊ زون ۾ سرڪاري ۽ ٻيون آفيسون بند رکڻ ۽ گهر کان ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، اهڙي طرح ريڊ زون ۾ ٽرانسپورٽ تي به پابندي لڳائي وئي هئي. واضح رهي ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي اڳواڻي ۾ وفد اڄ اسلام آباد پهچندو، ڳالهين لاءِ ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ايراني وفد کانپوءِ آمريڪي وفد جي به پاڪستان وڃڻ جو امڪان آهي.
Source link

اسلام آباد ڳالهيون؛ ايراني وفد جي آمد جي خبر کانپوءِ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ
Leave a Comment Leave a Comment

