وزيراعظم قطر کانپوءِ ترڪي پهچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي مختصر دوري کانپوءِ ترڪي پهچي ويو.

وزيراعظم شهباز شريف وفد سان گڏ ترڪي جي شهر انتاليا پهتو جتي انتاليا جي گورنر پيلوسي شاهين پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو.

ان موقعي تي ترڪي ۾ پاڪستان جو سفير يوسف جنيد ۽ سينيئر سفارتي عملدار پڻ موجود هئا.

وزيراعظم سڀاڻي پنجين انٽيليا ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت ڪندو. فورم دوران وزيراعظم ”ليڊرز پينل“ ۾ شرڪت ڪندو، فورم تي پاڪستان جو نقشو پيش ڪندو.

ان موقعي تي وزيراعظم جي صدر رجب طيب اردگان ۽ ٻين اهم عالمي اڳواڻن سان ٻه طرفي ملاقاتون به متوقع آهن.

پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ عالمي ميڊيا جو وزيراعظم جو ترجمان مشرف زيدي به وزيراعظم سان گڏ آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment