ميانمار جي علائقي شن ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 25 عورتن سميت 55 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ميانمار جي علائقي ڪانگ ٽيٽ ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن بابت عليحدگي پسندن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو کان کني ۾ استعمال لاءِ رکيل مواد جو ڌماڪو هو. ميانمار جي فوجي حڪومت جي مخالفت ڪندڙ ٽينگ نيشنل لبريشن آرمي (TNLA) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڌماڪو حادثاتي هو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ شهري زخمي ٿيا ۽ گهرن کي به نقصان پهتو. گروپ هڪ بيان ۾ چيو ته هو ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪن ٿا. ٽي اين ايل اي جو چوڻ هو ته ڌماڪي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، متاثر خاندانن کي فوري امداد ڏني ويندي. مقامي ميڊيا ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ 25 عورتون ۽ 30 مرد شامل آهن، شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو هوائي حملو هو.
Source link

ميانمار ۾ ڌماڪي ۾ 25 عورتن سميت 55 ڄڻا مارجي ويا
Leave a Comment Leave a Comment

