ايران ۾ 87 ڏينهن کانپوءِ انٽرنيٽ بحال صدر مسعود پزيشڪيان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايراني صدر سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اميد آهي ته ايران ۾ لڳ ڀڳ 87 ڏينهن کان جاري انٽرنيٽ بليڪ آئوٽ ختم ٿي ويندو.

ايران جي نيم سرڪاري مهر نيوز ايجنسي موجب مواصلات واري وزارت جي هڪ ذريعن ٻڌايو آهي ته صدر انٽرنيٽ جي بحالي لاءِ فوري قدمن جو حڪم ڏنو آهي.

صدر مسعود پاشڪيان جي حڪم تي عمل ڪندي انٽرنيٽ سروسز کي مرحلن ۾ بحال ڪرڻ جي اميد آهي، پر اختيارين اڃا تائين مڪمل بحالي جي وقت جي فريم تي تفصيل جاري نه ڪيا آهن.

واضح رهي ته ايران ۾ گذريل 87 ڏينهن کان سخت انٽرنيٽ بليڪ آئوٽ آهي. پابندي هڪ اهڙي وقت ۾ لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ حملن ملڪ ۾ سيڪيورٽي خدشن کي جنم ڏنو آهي.

ان دوران، انٽرنيٽ جي بندش نه رڳو عوامي رابطي کي متاثر ڪيو پر انهن ڪمپنين کي به وڏو نقصان پهچايو جيڪي آن لائين ڪاروبار ۽ ڊجيٽل خدمتن تي منحصر آهن. معاشي سرگرميون، بئنڪنگ سسٽم ۽ ڪاروباري ٽرانزيڪشن پڻ سخت متاثر ٿيا.

واضح رهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل گذريل فيبروري تي ايران تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ آيت الله خامنه اي سموري فوجي قيادت سميت شهيد ٿي ويو هو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment