پي ايس ايل ۾ ڪارڪردگيءَ مان مطمئن نه آهيان، ورلڊ ڪپ بابت ضرور سوچيندس. سلمان علي آغا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته منهنجي ڪارڪردگي اميدن تي پورو نه آهي، جيڪڏهن محسوس ٿيو ته 2027 جي ورلڊ ڪپ بابت ضرور سوچيندس. پي ايس ايل 11 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ هٿان شڪست کانپوءِ ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ سلمان علي آغا چيو ته ميچ ۾ اسان جي ٽيم ٽنهي شعبن ۾ ناڪام رهي، پاور پلي ۾ به سٺي راند نه ٿي، ڪوشش ڪنداسين ته ايندڙ ميچون کٽي فائنل فور ۾ جاءِ ٺاهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ون ڊي ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته پي ايس ايل جي بنياد تي قومي ٽيم ۾ ايندڙ رانديگرن کي پرڏيهه وڃڻ سان مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ليگ ذريعي رانديگرن جي سڃاڻپ ٿيڻ گهرجي پر پي ايس ايل ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي قومي سطح تي ڪرڪيٽ کيڏڻ گهرجي ۽ پاڪستاني ٽيم ۾ اچڻ گهرجي. سلمان علي آغا چيو ته مان ورلڊ ڪپ ۽ پي ايس ايل ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن نه آهيان، ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، ايندڙ ورلڊ ڪپ اهم هوندو، جيڪڏهن محسوس ٿيندو ته مان ڪوشش ڪندس ته بريڪ وٺان يا ميگا ايونٽ جي حوالي سان فيصلو ڪندس.



Source link

Share This Article
Leave a Comment