ڏکڻ ڪوريا جو هڪ ٻيڙي آبنائے هرمز ۾ ڌماڪو ٿيو.
عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب ڏکڻ ڪوريا جي شپنگ ڪمپني ايڇ ايم ايم جي ترجمان تصديق ڪئي ته ڪمرشل جهاز جي انجڻ روم ۾ اوچتو باهه لڳي وئي.
ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزارت به واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جهاز ۾ ان وقت 24 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ 6 ڏکڻ ڪوريا جا شهري ۽ 18 پرڏيهي عملو شامل هئا.
ڏکڻ ڪوريا جي واپاري ٻيڙي کي باهه حملي جو نتيجو قرار ڏنو پيو وڃي پر جاچ جاري آهي جڏهن ته جهاز ۾ موجود عملو بابت معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته اڄ ايران آبنائے هرمز ۾ آمريڪي نيوي جي تباهه ڪندڙ جهاز کي ميزائل حملن سان نشانو بڻايو آهي.
ٻئي طرف گڏيل عرب امارات جو چوڻ آهي ته ايران آبنائے هرمز ۾ سندس آئل ٽينڪر کي 2 ڊرونز سان نشانو بڻايو پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
اماراتي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ايراني گارڊز طرفان واپاري جهازن تي حملا آبنائے هرمز ۾ قزاقي آهن. اهو عالمي معيشت لاءِ خطرو بڻيل آهي.


