ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 2 ۾ موٽرسائيڪل سوار ڌاڙيل خانگي ڪمپني جي ملازمن کان 20 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ايڪسپريس نيوز موجب موٽرسائيڪل تي سوار نجي ڪمپني جو موٽرسائيڪل سوار صدر ۾ واقع خانگي بئنڪ مان 2 لک رپيا ڪڍي پنهنجي آفيس وڃي رهيو هو. ڌاڙن جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته موٽرسائيڪل تي سوار هڪ ڄڻو هيلمٽ پهريل هو ۽ ٻئي منهن تي ماسڪ پاتل هئا. ان حوالي سان ايس ايڇ او ڊفينس اشرف جوگي جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو، پوليس ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.
Source link

ڪراچي؛ ڌاڙيل خانگي ڪمپني جي سوار کان 20 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا
Leave a Comment Leave a Comment

