پاڪستان هاڪي فيڊريشن پاران لاهور ۾ پاڪستان سينيئر هاڪي ٽيم جا ٽرائل شروع ٿي ويا، 99 رانديگرن حصو ورتو، سليڪشن ڪميٽي ۽ ڪوچز رانديگرن جي صلاحيتن جو جائزو ورتو جڏهن ته ٽرائلز جو ٻيو مرحلو اڄ ٿيندو. تفصيل موجب پاڪستان سينيئر هاڪي ٽيم جي تشڪيل لاءِ ٽرائلز باضابطه طور تي ڊفينس ايرينا منظور الحسن اڪيڊمي لاهور ۾ شروع ٿي ويا آهن. ٽرائل جي پهرئين ڏينهن پنجاب جي مختلف شهرن مان 99 رانديگرن پنهنجون رپورٽون جمع ڪرايون. ان موقعي تي سليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين اولمپين سميع الله، سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن اولمپين ناصر علي، اولمپئن عاطف بشير ۽ اولمپين ايم خالد سميت نامور اڳوڻي هاڪي رانديگرن شرڪت ڪئي. سليڪشن ڪميٽي سان گڏ سينيئر ٽيم جي هيڊ ڪوچ اولمپين منظور الحسن ۽ جونيئر ٽيم جي هيڊ ڪوچ اولمپين اياز محمود به نوجوان رانديگرن جي ڪارڪردگي ۽ فزيڪل فٽنيس جو ويجهي کان جائزو ورتو. پهرين ڏينهن ٽرائلز جا ڪل پنج سيشن ٿيا، جن ۾ رانديگرن وچ ۾ ميچ کيڏيا ويا. سليڪٽرز جو چوڻ آهي ته ٽرائل جو مقصد بهترين رانديگرن کي سامهون آڻڻ آهي ته جيئن قومي ٽيم لاءِ مضبوط اسڪواڊ تيار ڪري سگهجي. ٽرائل جو ٻيو مرحلو سڀاڻي ساڳئي هنڌ (ڊفينس ايرينا) تي جاري رهندو. سمورن اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سڀاڻي 12:15 PM تي حاضري يقيني بڻائين ته جيئن ٻئي ڏينهن جي ڪارروائي وقت تي شروع ٿي سگهي.
Source link

لاهور ۾ پاڪستان سينيئر هاڪي ٽيم جا ٽرائل شروع ٿي ويا، 99 رانديگرن شرڪت ڪئي
Leave a Comment Leave a Comment

