پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ۽ ڪوچنگ بابت اهم فيصلا ڪري ورتا آهن، جنهن تحت شان مسعود ٽيسٽ ڪپتان برقرار رهندو جڏهن ته سرفراز احمد کي هيڊ ڪوچ بڻائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم ۾ تسلسل برقرار رکڻ جي حق ۾ آهي ۽ ان ئي پاليسي تحت شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي ريڊ بال ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ هو پهريون ڀيرو قومي ٽيم جي ڪوچنگ جون ذميواريون سنڀاليندو. رپورٽن مطابق ان فيصلي جو مقصد ٽيم مئنيجمينٽ ۽ ڪپتان وچ ۾ بهتر ڪوآرڊينيشن پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن ٽيسٽ فارميٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي سگهجي. ذريعن موجب سرفراز احمد موجوده هيڊ ڪوچ اظهر محمود جون ذميواريون سنڀالي سگهي ٿو جڏهن ته هو سليڪٽر طور به پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو. پاڪستاني ٽيم بنگلاديش، ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏندي.
Source link

شان مسعود ۽ سرفراز احمد بابت پي سي بي جو اهم فيصلو
Leave a Comment Leave a Comment

