چنيوٽ جي علائقي ڪنڊيوال روڊ جي بشير ڪالوني ۾ خوفناڪ واقعي ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڀاتي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ تعمير هيٺ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت سخت زخمي ٿي پئي.
ريسڪيو 1122 موجب حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن گهر جا ماڻهو ڇت هيٺان سمهي رهيا هئا ته اوچتو ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ، پيءُ ۽ سندن ٻه نوجوان پٽ ملبي هيٺان دٻجي ويا ۽ موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڌيءُ کي سخت زخمي حالت ۾ ڪڍي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ ضلعي ايمرجنسي آفيسر طاهره خان جي نگراني ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو. امدادي ڪاررواين دوران ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍيو ويو.


