ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ هڪ گهر مان نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد جي علائقي لياقت آباد بي ون ۾ هڪ گهر مان نوجوان جو گولي لڳل لاش مليو، جنهن کي ايڌي رضاڪارن پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال پهچايو.

ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ 26 ورهين جي حاذق جي نالي سان ٿي آهي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور واقعو ڳچيءَ ۾ گولي هڻي آپگهاتي ٻڌايو پيو وڃي.

هوڏانهن پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو، پوليس وارثن کان وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري رهي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment