پي ايس ايل 11؛ قذافي اسٽيڊيم ۾ هائوس فل، وڌيڪ داخلا بند، مداحن جو احتجاج

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11هين سيزن جي فائنل ميچ جي موقعي تي قذافي اسٽيڊيم ٻاهران صورتحال سخت ڇڪتاڻ واري ٿي وئي، جتي ڪرڪيٽ جا مداح انتظاميا جي وڌيڪ داخلا روڪڻ واري فيصلي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. تفصيل موجب سوين شهرين جيڪي باقاعده ٽڪيٽون خريد ڪري ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم پهچي ويا هئا، انهن کي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو، جنهن تي هنن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. مداحن جو چوڻ هو ته هنن هزارين رپيا خرچ ڪري نه رڳو پنهنجي لاءِ پر گهر وارن لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪيون پر ان جي باوجود کين اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو پيو وڃي. ڪرڪيٽ جي مداحن سوال اٿاريو ته جڏهن انهن وٽ صحيح ٽڪيٽون هيون ته انهن جون سيٽون ڪيئن ڀرجي ويون؟ مداحن جو چوڻ هو ته درجنين ماڻهو هٿن ۾ ٽڪيٽون کڻي اسٽيڊيم ٻاهران احتجاج ڪري رهيا آهن جڏهن ته انتظاميه طرفان ڪو به تسلي بخش جواب نه ڏنو پيو وڃي. احتجاج دوران ناراض شهرين سندن ٽڪيٽون ڦاڙي ڇڏيون ۽ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. مداحن مطالبو ڪيو ته معاملي جي فوري طور تي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن. ٻئي طرف اسٽيڊيم ٻاهران سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته انتظاميا طرفان صورتحال تي اڃا تائين ڪو به باضابطا بيان سامهون ناهي آيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment