يونائيٽيڊ بزنس گروپ (يو بي جي) جي اڳواڻ ۽ مشهور صنعتڪار ايس ايم تنوير چيو آهي ته پاڪستان جو واپاري خسارو خطرناڪ حد تائين وڌي 39.5 بلين ڊالر تائين پهچي ويو آهي، جيڪا گذريل چئن سالن جي بلند ترين سطح آهي. ايس ايم تنوير چيو ته مالي سال دوران درآمدات ۾ 8 سيڪڙو اضافو جڏهن ته برآمدات ۾ 6 سيڪڙو گهٽتائي ملڪي معيشت لاءِ پريشان ڪندڙ صورتحال آهي. هن چيو ته معاشي آزادي قرضن يا ترسيل جي مدد سان حاصل نه ٿي ڪري سگهجي پر پائيدار معاشي استحڪام برآمدات ۾ واڌ سان ئي ممڪن آهي. ايس ايم تنوير چيو ته توانائي جي بلند قيمت پاڪستاني شين کي عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلي کان محروم بڻائي رهي آهي، ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي علائقائي ملڪن جي مقابلي ۾ بجلي جي قيمتن تي لاڳو ڪري ملڪي برآمدات کي هٿي وٺرائڻ لاءِ. هن چيو ته وياج جي بلند شرح صنعتي ۽ تجارتي سرگرميون سخت متاثر ڪيون آهن، صنعتڪار وڌيڪ قرض وٺڻ جي سگهه نٿا رکن، ان ڪري اسٽيٽ بئنڪ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاليسي ريٽ گهٽ ڪري. ايس ايم تنوير وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير کان مطالبو ڪيو ته واپاري خساري تي ضابطو آڻڻ ۽ برآمدات وڌائڻ لاءِ ڊگهي مدي واري ۽ موثر اقتصادي پاليسي اختيار ڪئي وڃي، جڏهن ته واپاري خساري کي گهٽائڻ لاءِ فوري ۽ جامع ايڪشن پلان پڻ جوڙيو وڃي.
Source link

پاڪستان جو واپاري خسارو 39.5 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، ايس ايم تنوير
Leave a Comment Leave a Comment

