وزيراعظم شهباز شريف 14هين سائوٿ ايشين گيمز جي ميزباني لاءِ 11 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سائوٿ ايشين گيمز جون تياريون فوري طور تي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سائوٿ ايشين گيمز ايندڙ سال مارچ ۾ منعقد ٿينديون. پاڪستان 22 سالن کانپوءِ سائوٿ ايشين گيمز جي ميزباني ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سائوٿ ايشين گيمز لاءِ منظور ٿيل فنڊ مرحليوار جاري ڪيا ويندا. فنڊ اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن، لاجسٽڪ، گيمز ايونٽس ۽ انتظامي معاملن تي خرچ ڪيا ويندا.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سائوٿ ايشين گيمز جو سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ قائم ڪيو ويندو. سيڪريٽريٽ گيمز جي سمورن تيارين جي نگراني ڪندو.


