فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي رائونڊ آف 32 ۾ پرتگال ۽ ڪروشيا وچ ۾ کيڏيل سنسني خیز ميچ کانپوءِ ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
وائرل ٿيل وڊيو ۾ رونالڊو کي ڏنڊ کڻڻ کان ڪجهه لمحن اڳ گهٽ آواز ۾ ”بسم الله“ چوندي ڏٺو وڃي ٿو.
ڪلپ مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي تيزي سان شيئر ڪيو پيو وڃي پر ان ڳالهه جي ڪا به باضابطه تصديق نه ٿي سگهي آهي ته هن اصل ۾ اهي لفظ چيا آهن.
مداحن جو چوڻ آهي ته هو ڏنڊ کڻڻ کان اڳ پاڻ کي ڪجهه لفظ ورجائيندو نظر آيو، جنهن کي ڪيترن ئي ”بسم الله“ چيو.
https://x.com/Alhamdhulillaah/status/2072842532166205473?s=20
ان ڏنڊ جي اهميت رڳو وائرل وڊيو تائين محدود نه رهي پر اهو ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلن ۾ رونالڊو جي ڪيريئر جو پهريون گول به ثابت ٿيو.
اهو ٽورنامينٽ جو سندس ٽيون گول هو ۽ پرتگال کي ميچ ۾ واپس آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
واضح رهي ته پرتگال ڪروشيا کي شڪست ڏئي رائونڊ آف 16 لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو جتي هن جو مقابلو اسپين سان ٿيندو.


