حج 2027ع لاءِ متعارف ڪرايل مڪمل آن لائين رجسٽريشن سسٽم کي حاجين پاران ڀرپور موٽ ملي آهي.
مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت موجب، رجسٽريشن جي پهرين 11 ڏينهن دوران 2 لک 3 هزار 722 ماڻهن گهر ويٺي رجسٽريشن مڪمل ڪئي.
وزارت موجب 180,000 کان وڌيڪ حاجين ويب پورٽل ذريعي رجسٽرڊ ڪيو، جڏهن ته تقريبا 24,000 ماڻهن موبائل ايپ استعمال ڪندي رجسٽرڊ ڪيو. رجسٽرڊ حاجين مان 154000 کان وڌيڪ ماڻهن سرڪاري حج اسڪيم جو انتخاب ڪيو جڏهن ته 49000 ماڻهن پرائيويٽ حج اسڪيم جو انتخاب ڪيو.
انگن اکرن موجب پنجاب صوبو 95 هزار رجسٽريشن سان پهرين نمبر تي رهيو، جڏهن ته سنڌ مان 63 هزار، خيبرپختونخواهه مان 28 هزار، اسلام آباد مان 9 هزار، بلوچستان مان 5500، آزاد ڪشمير مان 1200 ۽ گلگت بلتستان مان 600 رجسٽرار ٿيا.
مذهبي معاملن واري وزارت موجب رجسٽريشن دوران ڪجهه اميدوارن ايندڙ سالن ۾ حج ڪرڻ جي خواهش جو اظهار به ڪيو. ان سلسلي ۾ سال 2028 لاءِ 1400، سال 2029 لاءِ 250 ۽ سال 2030 لاءِ 350 ماڻهن دلچسپي جو اظهار ڪيو.
رجسٽرڊ حاجين ۾ 119 هزار مرد ۽ 84 هزار 500 عورتون شامل آهن.
نيشنل آئي ٽي بورڊ (NITB) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سهڪار سان سڄي حج رجسٽريشن سسٽم کي جديد ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي، سرڪاري ۽ خانگي حج اسڪيمن جي رجسٽريشن لازمي، شفاف ۽ مڪمل طور تي آن لائن بڻائيندي.
وزارت درخواست ڏيندڙن کي هدايت ڪئي آهي ته رجسٽريشن دوران فيملي گروپ ٺاهيو وڃي ته جيئن هڪ ئي خاندان جا ميمبر گڏيل طور تي درخواست جمع ڪرائي سگهن. وزارت جي مطابق، خانداني گروپ صرف خاندان جي ميمبرن يا ويجهي مائٽن تي مشتمل هوندو.


