صدر آصف علي زرداري اڄ کان 9 جولاءِ تائين ڪرغزستان جو دورو ڪندو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب صدر سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد به ڪرغزستان جو سرڪاري دورو ڪندو. اهو 21 سالن ۾ ڪنهن به پاڪستاني صدر جو جمهوريه ڪرغزستان جو پهريون دورو هوندو. صدر جو هي دورو ڪرغزستان جي صدر سدر زاپروف جي دعوت تي ڪيو پيو وڃي.
ملڪ جي صدر جو دورو پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي. پاڪستان جو صدر ڪرغزستان جي صدر سيڊور زاپروف سان ون آن ون ملاقات ڪندو ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪندو.
ڳالهين ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات، زراعت، ٽيڪسٽائيل، حلال انڊسٽري، صحت ۽ دواسازي، ڊجيٽل معيشت، تعليم، سياحت ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.


