بالي ووڊ جي مشهور اداڪار عمران هاشمي پاڪستان ۾ مليل محبت ۽ مهمان نوازي کي ياد ڪندي چيو آهي ته لاهور جو دورو سندس لاءِ ناقابل فراموش تجربو هو.
هڪ ڀارتي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي عمران هاشمي چيو ته سندس فلم ”آوارا پن“ جي رليز جي موقعي تي هو مهيش ڀٽ سان گڏ لاهور آيو هو، جتي مداحن سندس شاندار استقبال ڪيو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ مليل محبت ۽ شاندار مهمان نوازي کيس حيران ڪري ڇڏيو.

عمران هاشمي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ هندي فلمن جي مداحن جو وڏو انگ آهي ۽ ماڻهو ڀارتي فلمن کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا.
فلم ”جنت“ جي شوٽنگ دوران هجوم واري واقعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستاني مداحن جو جوش ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سندن فلمن کي اتي بيحد ساراهيو پيو وڃي.


