اسحاق ڊار جو چين، آسٽريا جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفونڪ رابطو، ايران آمريڪا ڳالهين تي ڳالهيون

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آسٽريا جي پرڏيهي وزير بيٽ مينل ريسنگر ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان الڳ الڳ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ خطي جي صورتحال، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آسٽريا جي پرڏيهي وزير ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ثالثي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مثبت سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن مستقبل ۾ ويجهن رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ چيني پرڏيهي وزير وانگ ي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ تازي علائقائي صورتحال، خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ايران آمريڪا ڳالهين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي جاري ڪوششن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ترجمان موجب چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪستان جي تعميري ثالثي ڪردار کي ساراهندي پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي حوالي سان سرگرمين، اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ ٻطرفي ۽ گهڻ طرفي تعاون جي فروغ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهي رابطي کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment