ڪراچي جي علائقي لياقت آباد جي عمارت ۾ خوفناڪ باهه لڳي وئي، فائر ٽينڊر باهه وسائڻ ۾ مصروف

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد جي گنجان آبادي واري علائقي لياقت آباد نمبر 4 ۾ امام بارگاهه اسٽريٽ ۾ قائم عمارت ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي پکڙجي وئي ۽ علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو.

ريسڪيو عملدارن موجب اطلاع ملندي ئي سينٽرل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول آف ريسڪيو 1122 کي اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ جون ٽيمون ايمبولينس ۽ فائر برگيڊ جي ٽرڪ سميت موقعي تي پهتيون.

ريسڪيو 1122 جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽيمون موقعي تي پهچي باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن، جڏهن ته ڀرپاسي جي عمارتن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن باهه وڌيڪ پکڙ نه ٿئي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سان ئي عمارت مان دونھون نڪرڻ شروع ٿي ويا، جنهن سبب ماڻهو سخت خوفزده ٿي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.

اڃان تائين ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو پر ريسڪيو اختياريون مسلسل صورتحال جي نگراني ڪري رهيون آهن ۽ باهه وسائڻ جو عمل جاري آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment