ڪراچي ۾ ٽريفڪ ضابطن تي عملدرآمد کي وڌيڪ سخت ڪرڻ لاءِ ٽريفڪ پوليس لين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي اي-چالان شروع ڪري ڇڏيا آهن. شروعاتي مرحلي ۾ اهو نظام صرف شارع فيصل تي لاڳو ڪيو ويو آهي پر مستقبل ۾ ان کي شهر جي ٻين اهم روڊن تائين وڌايو ويندو. ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي مقرر ڪيل لين ۾ پنهنجون گاڏيون هلائين ۽ موٽرسائيڪلن، بسن ۽ ڪارن سميت سمورن گاڏين جا ڊرائيور لين جي ضابطي تي عمل ڪن. ٽريفڪ اختيارين جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ شهرين ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ آگاهي مهم پڻ هلائي وئي هئي پر شهرين کي به گهرجي ته هو ٽريفڪ جي نظم و ضبط کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي ذميواري جو احساس ڪن. ترجمان موجب لين جي پابندي سان نه رڳو ٽريفڪ جي وهڪري ۾ بهتري ايندي پر روڊ حادثن ۾ به نمايان گهٽتائي ايندي.
Source link

ڪراچي ۾ شريعت فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي تي اي-چالان جي شروعات
Leave a Comment Leave a Comment

