پوليس جي بروقت ڪارروائي، بنون ۾ وڏي تباهي جو منصوبو ناڪام

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


بنون پوليس بروقت ۽ موثر ڪارروائي ڪري ضلعي کي وڏي امڪاني تباهي کان بچائي ورتو آهي.

تفصيل موجب ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ بنون ميرانشاهه روڊ تي گل زمان مسجد وٽ 10 ڪلو وزني ريموٽ ڪنٽرول بم نصب ڪيو ويو، جنهن کي ناڪاره بڻايو ويو.

پوليس اختيارين موجب ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو، جن پيشيوراڻي صلاحيت جو مظاهرو ڪندي خطرناڪ IED کي محفوظ طريقي سان ناڪاره بڻائي ڇڏيو.

اختيارين جو چوڻ آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي، جنهن لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا الرٽ آهن. دهشتگردي خلاف زيرو ٽالرنس واري پاليسي تي سختي سان عمل جاري رکيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment