برطانوي گهرو سيڪريٽري ۽ پولش ڊپٽي وزيراعظم پاڪستاني نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ جنگبندي ۾ واڌ ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
برطانوي گهرو سيڪريٽري يوويٽ ڪوپر اسحاق ڊار سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ جنگبندي جي مدي ۾ واڌ ۽ آبنائي هرمز ۾ جهازن جي بحالي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
يوٿ ڪوپر چيو ته برطانيا پاڪستان جي سفارتي ڪردار کي تسليم ڪري ٿو. پاڪستان ڳالهين کي آسان بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پولينڊ جي نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ پولينڊ جي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي ساراهيو. نائب وزيراعظمن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ترجمان جو چوڻ هو ته نائب وزيراعظمن وچ ۾ موجوده علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پولينڊ جي نائب وزيراعظم ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي کي آسان بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.


