لاهور: فليٽ ۾ فائرنگ، عورت سميت 2 ٻارڙا مارجي ويا، جوابدار پاڻ کي گوليون هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



لاهور جي علائقي مزنگ ۾ فليٽ اندر فائرنگ جي افسوسناڪ واقعي ۾ عورت سميت 2 ٻارڙا مارجي ويا، جڏهن ته جوابدار پاڻ کي گوليون هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. پوليس موجب فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ عائشه جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته ٻارڙن ۾ 14 ورهين جو مسفيرا ۽ 12 ورهين جو منيب شامل آهن. حادثي ۾ 2 ٻارڙا سمرا ۽ منهيل پڻ زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. شروعاتي اطلاعن موجب مزنگ ۾ پراپرٽي ڊيلر جوابدار شاهد جٽ فليٽ تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي ۽ بعد ۾ پاڻ کي به گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جا سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جڏهن ته ڪرائم سين يونٽ ۽ فرانزڪ ماهر شاهديون گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد حقيقتون سامهون اينديون.



Source link

Share This Article
Leave a Comment