سنڌ ۾ گرمي جي لهر، وڏي وزير امدادي ڪيمپون قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي وچ ۽ مٿانهين ضلعن ۾ سخت گرمي ۽ هيٽ ويو جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ادارن کي فوري اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب ڄامشورو، دادو، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي ۽ سانگهڙ هن وقت گرمي جي لهر جي لپيٽ ۾ آهن، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير انهن ضلعن جي ضلعي انتظاميا کي فوري طور هيٽ ويو رليف ڪئمپون قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ هيٽ اسٽروڪ جي مريضن لاءِ خاص انتظام ڪيا وڃن ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي کي موثر نموني سان منهن ڏئي سگهجي.

هن عوام کي اپيل ڪئي ته سخت گرمي ۾ غير ضروري گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.

وڏي وزير چيو ته ٻاهر نڪرڻ وقت مٿو ڍڪيو، گهڻو پاڻي پيو ۽ جيترو ٿي سگهي ڇانو ۾ رهو، جڏهن ته سڌي سج جي روشني ۾ ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته شهري پنهنجون روزاني سرگرميون جاري رکن پر پنهنجي صحت تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment