خيبرپختونخواهه جي ضلعي هري پور ۾ حطار انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 8 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار شفيع جان هري پور ۾ گيس پائيپ لائين ۾ ڌماڪي سبب فيڪٽري کي باهه لڳڻ جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته باهه لڳڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 8 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته ريسڪيو 1122 ۽ لاڳاپيل ادارن فوري امدادي ڪارروايون شروع ڪري باهه تي ضابطو آندو. ريسڪيو آپريشن ۾ هري پور ۽ ڀرپاسي جي ٻين ضلعن جي ريسڪيو اهلڪارن حصو ورتو. شفيع جان چيو ته زخمين کي اسپتال ۾ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، حڪومت فوتين جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ صوبائي حڪومت ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثر خاندانن کي اڪيلو نه ڇڏيندي. ريسڪيو 1122 خيبرپختونخواهه جي ترجمان بلال احمد فيضي جو چوڻ آهي ته حطار انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ فيڪٽري ۾ مبينا باهه لڳي وئي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته باهه گئس جي ڪري لڳي جنهن فيڪٽري کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو پر ريسڪيو 1122 جي ڪنٽرول روم کي اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آندو. هن چيو ته ريسڪيو 1122 هريپور شروعاتي طور تي باهه وسائڻ جو عمل شروع ڪيو پر باهه جي شدت وڌيڪ هئڻ سبب صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ مانسهره، ايبٽ آباد، مردان ۽ صوابي کان 7 وڌيڪ فائر برگيڊ گاڏيون ۽ فائر فائٽر روانا ڪيا ويا. ريسڪيو 1122 جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حطار گيس پائيپ لائين ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو پر ڀرپاسي جا رهائشي گهر به باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويا ۽ ڪيترائي مقامي ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي جيئرو بچايو ويو.
Source link

هريپور؛ حطار انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ باهه، عورتن ۽ ٻارن سميت 8 ڄڻا سڙي فوت
Leave a Comment Leave a Comment

