ڪراچي ۾ روڊ حادثن جو سلسلو جاري آهي، وڌيڪ 2 نوجوان فوت ٿي ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



لانڍي جي مانسهره ڪالوني ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ 2 نوجوان فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ايڪسپريس نيوز موجب لانڍي مانسهره ڪالوني پيٽرول پمپ ويجهو ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 2 نوجوان فوت ٿي ويا. فوت ٿيل نوجوانن مان هڪ جي سڃاڻپ 18 ورهين جي دانش طور ٿي آهي، جڏهن ته ٻئي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، پر سندس عمر 20 سالن جي لڳ ڀڳ آهي. حادثي بعد ريسڪيو اختيارين فوتين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيا. هوڏانهن ايس ايڇ او شريفي گوڙ جو چوڻ آهي ته حادثو مانسهره ڪالوني پيٽرول پمپ ويجهو ٽرالر جي ٽڪر سبب پيش آيو، حادثي جو ذميوار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪلينر ۽ وزير کي حراست ۾ وٺي ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment