10 مهينن ۾ 34 ارب ڊالرن جي ترسيل وصول ڪئي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


ڪراچي:

مالي سال 26-2025 جي پهرين 10 مهينن ۾ پاڪستان کي تقريبن 34 ارب ڊالر جي ترسيل مليا. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته سعودي عرب، عرب امارات ۽ نار ملڪن تي وڌندڙ انحصار ملڪي معيشت لاءِ وڏو خطرو بڻجي رهيو آهي.

اسٽيٽ بئنڪ موجب اپريل 2026ع ۾ ترسيل 3.54 بلين ڊالر رهي، جيڪا گذريل سال جي ساڳئي مهيني جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو وڌيڪ آهي، پر مارچ 2026ع جي مقابلي ۾ ان ۾ 8 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ ترسيل 33.86 بلين ڊالر تائين پهچي وئي، جيڪا سال جي ڀيٽ ۾ 8.5 سيڪڙو جو اضافو ڏيکاريندي.

انگن اکرن موجب سعودي عرب، عرب امارات ۽ ٻين خليجي ملڪن پاڪستان کي 18 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم موڪلي آهي، جيڪا ڪل ترسيل جو اڌ کان وڌيڪ آهي. سعودي عرب کان 7.93 بلين ڊالر، يو اي اي مان 7 بلين ڊالر.

اقتصاديات جي ماهرن موجب نار جي خطي تي اهو انحصار پاڪستان کي غير معمولي طور تي ٻاهرين جھٽڪن جو شڪار بڻائي ٿو، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن وچ اوڀر ۾ جيو پوليٽيڪل ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي.

يو اي اي پاران پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالرن جي امدادي سهولت واپس وٺڻ ۽ ڪجهه پاڪستانين کي نيڪالي ڏيڻ واري خبر به خدشا وڌائي ڇڏيا آهن.

جي ايس گلوبل جي ريسرچ جي سربراهه وقاص غني جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن خليجي ملڪن مان موڪلون گهٽ ٿيون ته پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ ٻيهر خساري ۾ وڃي سگهي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معيشت هاڻي ايڪسپورٽ جي بجاءِ افرادي قوت جي برآمد تي وڌيڪ انحصار ڪري رهي آهي، جيڪا ڊگهي مدي ۾ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.

ٻئي طرف يورپي يونين مان موڪلون 18 سيڪڙو کان وڌي 4.35 بلين ڊالرن تائين پهتيون، جڏهن ته برطانيا مان 5.17 بلين ڊالرن جون موڪلون ٿيون، جيڪي ماهر پاڪستانين جي يورپ، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا ڏانهن وڌندڙ لڏپلاڻ جو اشارو آهي.

ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي برآمدات، صنعتي پيداوار ۽ آمدني جا پرڏيهي ذريعا متنوع نه ڪيا ته مستقبل ۾ پرڏيهي بحرانن سبب معيشت سخت دٻاءُ ۾ اچي سگهي ٿي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment