ٽيلي ڪام ڪمپنيون رائٽ وي بل جي وزارت ان حوالي سان وضاحت ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزارت رائٽ آف وي بل 2026 تي واضح ڪيو آهي ته ٽيلي ڪام ڪمپنين کي خانگي ملڪيتن تي زبردستي داخلا جي اجازت نه هوندي.

آءِ ٽي واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو ته رائٽ آف وي ايڪٽ تحت خانگي زمين زبردستي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي، ملڪيت جي مالڪن کي اعتراض، ڳالهين ۽ معاوضي جا مڪمل حق حاصل هوندا، ٽيلي ڪام ڪمپنيون مالڪ جي اجازت يا قانوني عمل کان سواءِ خانگي ملڪيت ۾ داخل نه ٿي سگهنديون.

ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته رائٽ آف وي سڌارن جو مقصد فائبر نيٽ ورڪ ۽ براڊ بينڊ انفراسٽرڪچر کي تيزيءَ سان وڌائڻ آهي، تجويز ڪيل ڏنڊ رڳو معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي لاڳو هوندا، جڏهن ته قومي اسيمبلي مان پاس ڪيل رائٽ آف وي بل 2026 سينيٽ ڪميٽي ۾ غور هيٺ آهي.

وڌيڪ چيو ويو ته فائبرائيزيشن ۾ رڪاوٽن کي دور ڪرڻ لاءِ شفاف قانوني فريم ورڪ متعارف ڪرايو پيو وڃي، ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري ۽ انٽرنيٽ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڌارا ضروري آهن.

آءِ ٽي واري وزارت پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو ته رائٽ آف وي فريم ورڪ شهرين جي حقن جو تحفظ ڪندي ڊجيٽل ترقي کي فروغ ڏيندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment