لاهور (م ڊ) مريم نواز کليل مين هول ۾ ڪري ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


لاهور:

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف سندر ۾ کليل مين هول ۾ ڪري ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

وڏي وزير مريم نواز شريف واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

هن هدايت ڪئي ته واقعي جي سمورن رخن جو جائزو وٺي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ مستقبل ۾ اهڙن حادثن کي روڪڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن.

ذريعن موجب اهو افسوسناڪ واقعو ان وقت پيش آيو آهي جڏهن گذريل ڏينهن ساڳئي علائقي سندر ۾ هڪ ٻارڙو گندي پاڻي جي کليل مين هول ۾ ڪري پيو هو پر مقامي ماڻهن بروقت ڪارروائي ڪري کيس باحفاظت ٻاهر ڪڍيو.

ان واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي پر لاڳاپيل ادارن پاران فوري حفاظتي اپاءَ نه وٺڻ سبب اڄ هڪ ٻيو سانحو پيش آيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment