ڪراچي ۾ پي سي بي ليول ون ڪوچنگ ڪورس ختم ٿي ويو، 30 اميدوارن شرڪت ڪئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ڪراچي ۾ پي سي بي ليول ون ڪوچنگ ڪورس پڄاڻي تي پهتو، چئن ڏينهن واري ليول ون ڪوچنگ ڪورس ۾ 30 اميدوارن حصو ورتو. حصو وٺندڙ اميدوارن ۾ ڪوئيٽا سان تعلق رکندڙ پاڪستان جي اڳوڻي انٽرنيشنل وومين ڪرڪيٽر ناهيده بي بي به شامل هئي. پي سي بي جي هيڊ آف ايجوڪيشن شاهد اسلم جي نگراني ۾ حنيف محمد ريجنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ڪوچنگ ڪورس دوران جديد ڪوچنگ طريقن، ٽيڪنيڪل ۽ ٽيڪٽيڪل ٽريننگ تي ڌيان ڏيندو، جنهن ۾ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر اعظم خان، هيڊ ڪوچ ثاقب فقير، اقبال امام، ظفر چوڌري ۽ حسين کوسا اهم ليڪچر ڏنا. ان کان اڳ پي سي بي جي سرپرستي هيٺ پشاور، راولپنڊي ۽ ملتان ۾ ليول ون ڪوچنگ ڪورس پڻ ڪرايا ويا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment