واشنگٽن:
آمريڪي ميڊيا ۾ شايع ٿيل هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آمريڪا ايران خلاف وڌيڪ سخت ۽ تيز فوجي آپريشن جي رٿابندي ڪري رهيو آهي، جنهن کي خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۾ اهم پيش رفت قرار ڏنو پيو وڃي.
رپورٽ موجب آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ اهڙا آپشن تيار ڪيا آهن جنهن تحت ايران جي اهم انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن ممڪن حملن جو مقصد يا ته جاري سفارتي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ آهي يا ايران کي وڏي جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ فيصلو ڪندڙ دٻاءُ هيٺ رکڻ آهي.
ميڊيا رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آبنائے هرمز جي هڪ حصي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ متبادل منصوبي تي غور ڪيو پيو وڃي ته جيئن اتي سامونڊي ٽريفڪ کي يقيني بڻائي سگهجي.
ان حوالي سان خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهڙي قدم سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.
آمريڪي فوجي عملدارن طرفان صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي اڄ تفصيلي بريفنگ ڏيڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب صدر ٽرمپ تازو ئي آبنائے هرمز جو نقشو به شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ اهم گذرگاهن کي نئين نالي سان ڏيکاريو ويو آهي.


