دٻاء جي باوجود، ايران جنگ ۾ شامل نه ٿيو آهي ۽ نه مستقبل ۾ شامل ٿيندو؛ برطانوي وزيراعظم

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


سڀني دٻاءُ کي رد ڪندي، برطانيه هڪ ڀيرو ٻيهر ايران جي جنگ جو حصو ٿيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر پارليامينٽ کي خطاب ۾ ايران جنگ بابت حڪومتي پاليسي پيش ڪئي.

هن پنهنجي تقرير ۾ واضح ڪيو ته هو ايران خلاف جاري جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دٻاءُ آڏو نه جهڪيندا.

برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر پارليامينٽ ۾ وڌيڪ چيو ته هي اسان جي جنگ نه آهي ۽ مون کي ان جنگ ۾ حصو نه وٺڻ جي حڪومتي پاليسي تبديل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو دٻاءُ آهي.

برطانوي وزيراعظم پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو ته مان ڪنهن به دٻاءُ آڏو نه جهڪيندس ۽ نه ئي پنهنجو فيصلو تبديل ڪندس.

وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو ته هن جنگ ۾ شامل ٿيڻ اسان جي قومي مفاد ۾ ناهي، ان ڪري اسان ڪڏهن به ائين نه ڪنداسين. مون کي خبر آهي ته منهنجو موقف ڇا آهي.

پنهنجي خطاب ۾ هن اهو نه ٻڌايو ته ان دٻاءُ جي نوعيت ۽ ڪهڙي طرف کان آهي، پر اشارو ڏنو ته ان دٻاءُ ۾ گذريل رات جا واقعا به شامل آهن.

ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن هڪ انٽرويو ۾ اشارو ڏنو هو ته آمريڪا ۽ برطانيا وچ ۾ گذريل سال ٿيل واپاري معاهدي جا شرط تبديل ٿي سگهن ٿا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment