6 سالن دوران انڊر انوائسنگ ذريعي اربين رپين جي مني لانڊرنگ جو انڪشاف

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ملڪ ۾ اربين رپين جي اوور انوائسنگ ذريعي مني لانڊرنگ ۽ مالي بي ضابطگين جي انڪشاف تي وزيراعظم ذميوارن جو تعين ڪندي ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. تفصيل موجب وزيراعظم ميان شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اهم اجلاس ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ سميت ايف بي آر جي معاملن تي اوور انوائسنگ بابت قائم ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته اوور انوائسنگ جو ڌنڌو 2017ع کان 2022ع تائين جاري رهيو ۽ لاڳاپيل ادارا پنهنجي فرضن ۾ لاپرواهي ڪندا رهيا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان اسڪينڊل ۾ ملوث سمورن ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ غفلت جي ذميوارن خلاف محکمانه ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ٽيڪس جو پئسو قوم جي امانت آهي ۽ رياست جي ذميواري آهي ته هر هڪ پئسو جو حساب ڪتاب ڪري. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ فنانشل مانيٽرنگ يونٽ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۽ ان ۾ ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس بيورو جي نمائندن کي شامل ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر سينٽرلائيز پرائس ويريفڪيشن پورٽل ٺاهي ڇڏيو آهي جيڪو جون جي آخر تائين بئنڪن سان ڳنڍجي ويندو. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پوسٽ ڪليئرنگ آڊٽ ونگ آڪٽوبر 2022ع ۾ ان اوور انوائسنگ جي نشاندهي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هن وقت تائين 13 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment