جنسي زيادتي جي سنگين الزامن جي جاچ کانپوءِ انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ جي چيف پراسيڪيوٽر ڪريم خان کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدالت جي انتظامي اداري به کيس برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آفيس جي عورت اهلڪار الزام هنيو ته ڪريم خان ڪيترن ئي موقعن تي ساڻس غير رضامندي سان جسماني لاڳاپن جي ڪوشش ڪئي.
جاچ دوران سامهون ايندڙ دستاويزن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پرڏيهي دوري دوران هن عورت کي هوٽل جي ڪمري ۾ آرام ڪرڻ لاءِ چيو ۽ نامناسب جسماني رابطو ڪيو.
اهڙي طرح ڪريم خان تي به الزام هنيا ويا ته عورت ڪيترائي ڀيرا آفيس جو دروازو بند ڪري ناپسنديده رويو اختيار ڪيو ۽ کيس خانگي موڪلن تي ساڻس گڏ وڃڻ جو چيو.
ڪريم خان گذريل سال مئي کان جاچ مڪمل ٿيڻ تائين رضاڪارانه موڪل تي هو ۽ ان دوران هو پراسيڪيوٽر جا فرض به سرانجام نه ڏئي رهيو هو.
هو آءِ سي سي جي تاريخ ۾ پهريون چيف پراسيڪيوٽر آهي جنهن کي باضابطه طور تي عدالت جي نگران اداري طرفان معطل ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي جي نگران اداري پاران لڳ ڀڳ 18 مهينن تائين جاري ڪيل تحقيق ان نتيجي تي پهتي آهي ته ڪريم خان هڪ عورت اسسٽنٽ سان نامناسب رويو اختيار ڪيو هو ۽ هو سخت بدانتظامي جو ڏوهي هو.
سفارتي ذريعن موجب جاچ کانپوءِ عدالت جي ايگزيڪيوٽو بيورو ڪريم خان کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي آهي. ان جو حتمي فيصلو آءِ سي سي جا 125 ميمبر ملڪ خاص اجلاس ۾ ووٽنگ ذريعي ڪندا.
هٽائڻ لاءِ ڳجهي ريفرنڊم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 63 ملڪن جي حمايت جي ضرورت پوندي. معاملو اسيمبلي ميمبرن جي حوالي ڪيو ويو آهي پر فيصلي جا تفصيل راز ۾ رکيا ويا آهن.
ٻئي طرف ڪريم خان جي وڪيلن فيصلي کي رد ڪندي ان کي غيرقانوني، غير منصفاڻو ۽ ثبوتن کان خالي قرار ڏنو آهي.
هنن جو چوڻ آهي ته ڪريم خان سمورن الزامن کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه به غلط ناهي ڪيو.
ياد رهي ته ڪريم خان اهو پراسيڪيوٽر هو جنهن غزه جنگ جي حوالي سان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ اڳوڻي اسرائيلي بچاءَ واري وزير جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.
هن حماس جي ٽن اڳواڻن جا وارنٽ پڻ جاري ڪيا جيڪي بعد ۾ اسرائيلي ڪاررواين ۾ شهيد ٿي ويا.


