دنيا جي بلند ترين پولو گرائونڊ شندور ۾ روايتي پولو فيسٽيول 2026 جي رنگارنگ شروعات

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


دنيا جي بلند ترين پولو گرائونڊ شندور ۾ روايتي شندور پولو فيسٽيول 2026 جي رنگين شروعات ٿي وئي.

ميلو خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان جي حڪومتن ۽ پاڪ فوج جي سهڪار سان ملهايو پيو وڃي.

خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيف گيسٽ طور شندور پولو فيسٽيول 2026 جو افتتاح ڪيو.

گورنر خيبرپختونخواهه شندور پولو فيسٽيول جي انعقاد کي قومي اتحاد، ثقافتي هم آهنگي ۽ سياحت جي فروغ لاءِ اهم قرار ڏنو.

فيسٽيول جي پهرين ڏينهن روايتي حریف چترال ۽ گلگت بلتستان جي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو.

مداحن ٻنهي ٽيمن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ لطف اندوز ٿيو.

تقريب دوران پيرا گلائيڊنگ جو شاندار مظاهرو پڻ ڪيو ويو، جنهن حاضرين جو ڌيان ڇڪايو.

شندور پولو فيسٽيول 3 ڏينهن جاري رهندو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان سياح ۽ راندين جا شوقين شرڪت ڪري رهيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment