ڀارتي صحافين پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو واضح اشارو ڏنو.
ڀارتي ڳجهي ايجنسي را سان واسطو رکندڙ ڀارتي صحافي اديتي راج ڪول انڪشاف ڪيو آهي ته دهلي جي لال قلعي ۾ ڌماڪي جي 24 ڪلاڪن کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ خودڪش ڌماڪو ڪنهن ڪيو، سڀ سمجهي سگهن ٿا.
اديتي راج ڪول چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ اسان جي سڃاڻپ ڪجهه به ٿي سگهي ٿي. ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو چهرو افغاني، هندستاني، بنگلاديشي يا مقامي بلوچ به ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته ان کان اڳ ڀارتي رٽائرڊ ڪرنل راجيش پوار به پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو هو. ڪرنل رٽائرڊ راجيش پاور موجب فتنا الهند ۽ فتنا الخوارج پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن لاءِ افغانستان جي سرزمين استعمال ڪري رهيا آهن.
راجيش پوار چيو ته ڀارت پاڪستان خلاف ٻنهي دهشتگرد تنظيمن جي مالي مدد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اسرائيل هٿيار ۽ انٽيليجنس معلومات فراهم ڪري رهيو آهي.


