گلگت بلتستان ۾ 2026ع جي عام چونڊن جي مهم دوران سرڪاري ملازم پاران جعلي ووٽ ڏيڻ جي الزام ۾ پهريون ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر جي سٽي چلاس ٿاڻي تي داخل ڪرايل فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آءِ آر) ۾ اڳوڻي وڏي وزير گلبر خان جي ڀائٽي ۽ تانگير مان چونڊ وڙهندڙ استحڪام پاڪستان پارٽي جي اميدوار خوش محمد کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر موجب انڪشاف ٿيو آهي ته ايس ايس پي جعلي اسٽيمپ ٺاهي هئي، پر پوليس ڪارروائي ڪئي آهي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته جوابدار جعلي سرڪاري مهر لڳائي بلٽ پيپر تيار ڪري شناختي ڪارڊ جي ڪاپي سميت جمع ڪرايو.
هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جعلي دستاويز ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، جعلسازي ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته گلگت بلتستان ۾ عام چونڊون 7 جون 2026 تي ٿينديون.


