ايف آءِ اي سي سي ڪراچي هٿيارن/ حوالا نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ جوابدار کي ڊجيٽل ثبوتن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.
ترجمان ايف آءِ اي ڊائريڪٽر موجب ايف آءِ اي ڪراچي زون جي نگراني ۾ ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ منظم مالياتي ڏوهن خلاف موثر ۽ ڪامياب آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران ڪيس نمبر 34/2026 ۾ جاچ دوران انڪشاف سامهون آيا.
جاچ ۾ محمد اشرف منظم هٿيارن/ حوالا نيٽ ورڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. گڏيل عرب امارات، چين، ڪئناڊا، ملائيشيا ۽ آفريڪا ۾ ڦهليل نيٽ ورڪ سان غيرقانوني سرحد پار مالي ٽرانزيڪشن ظاهر ڪيا ويا.
ايف آءِ اي اي سي سي ڪراچي پورٽ وي ٽريڊ سينٽر تي ڪامياب ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
موبائل فون مان اهم ڊجيٽل ثبوت هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته غير قانوني ريفرل ٽرانزيڪشن جا واضح ثبوت سامهون آيا. ايف آءِ اي جي بروقت ڪارروائي نيٽ ورڪ جي کمر ٽوڙي ڇڏي.


