گلف ڪوآپريشن ڪائونسل آبنائي هرمز تي جهازن کي چارج ڏيڻ جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



خليجي تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي اڳواڻن هرمز جي آبنائي مان گذرندڙ ٻيڙين تي ڪا به فيس لاڳو ڪرڻ جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو، محفوظ ۽ آزاد گذرڻ تي اصرار ڪيو. ترڪ نيوز ايجنسي موجب خليج تعاون ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البدوي جو چوڻ آهي ته خليج تعاون ڪائونسل جي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس سعودي عرب جي شهر جده ۾ ٿيو، جنهن ۾ خليج اڳواڻن ايران طرفان آبنائي هرمز جي بندش کي رد ڪندي ان قدم کي غير قانوني قرار ڏنو. هن چيو ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن گڏيل تيل ۽ گئس پائيپ لائين جي تعمير لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ بيلسٽڪ ميزائل کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳڀرائي وارننگ سسٽم قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ياد رهي ته آبنائي هرمز دنيا جي انرجي شپنگ لينن مان هڪ آهي، جنهن ذريعي ايران-آمريڪا-اسرائيلي جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ روزانو دنيا جي تيل جي سپلاءِ جو پنجون حصو گذرندو هو. 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي حملن کانپوءِ مارچ جي شروعات کان ئي هن واپار ۾ رڪاوٽ شروع ٿي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ توانائي جي فراهمي متاثر ٿي وئي هئي ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. بعد ۾ پاڪستان جي ثالثي جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ٿي وئي پر آمريڪي پابندين جي اعلان ۽ ايران جي مسلسل قبضي کانپوءِ صورتحال غير يقيني بڻيل آهي پر ٻنهي طرفن وچ ۾ مستقل معاهدي لاءِ سفارتي ڪوششون جاري آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment