ميامي:
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ آمريڪي نمائندي اسٽيو ويٽڪوف قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ميامي ۾ اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايران سان ممڪنه معاهدي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آمريڪي ميڊيا موجب ملاقات ۾ ايران سان جنگ بندي ۽ مستقبل جي تفصيلي ڳالهين لاءِ مفاهمت جي مختصر ياداشت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل فريم ورڪ جو مقصد جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ سفارتي ڳالهين لاءِ راهه هموار ڪرڻ آهي.
رپورٽن مطابق پاڪستان ۽ قطر بحران ۾ ثالث طور سرگرم آهن، جڏهن ته پاڪستان، قطر، مصر، ترڪي ۽ سعودي عرب خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ فوري سفارتي حل جو مطالبو ڪيو آهي.


