ڪراچي: پي آءِ بي ڪالوني ۾ رينجرز ۽ ڀتا خورن ۾ مقابلو، ٻن ڄڻن سميت 5 جوابدار گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ ايس آءِ يو پي آءِ بي ڪالوني مان ڀتا خوري ۾ ملوث 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

تفصيل موجب رينجرز ۽ ايس آءِ يو گڏيل ڪارروائي ڪندي احمد علي مگسي ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث وقاص گروپ جي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن دوران جوابدارن سيڪيورٽي اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني. جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 مطلوب جوابدار عبدالله ۽ عبدالسميع زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 3 جوابدار حميد عرف خليفا، عبيد عرف گاجي ۽ خدا بخش عرف سني کي گرفتار ڪيو ويو.

گرفتار جوابدار احمد علي مگسي ۽ وقاص گروپ جا اهم ساٿي آهن ۽ سندن حڪم تي پي آءِ بي ڪالوني ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ فيڪٽرين مالڪن، پرائيويٽ بلڊرز ۽ ٻين واپارين کان ڀتا خوري جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهن.

گرفتار جوابدار ڀتا نه ملڻ تي فائرنگ ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيندڙ ڪالز ڪرڻ ۽ خوف پکيڙڻ ۾ ملوث آهن، گرفتار جوابدار معمول جيان ڏوهاري آهن ۽ ان کان اڳ به گرفتار ٿي جيل موڪليا ويا آهن.

احمد علي مگسي ۽ وقاص گرفتاري جي خوف کان فرار آهن ۽ پي آءِ بي ڪالوني ۾ ڳجهن هنڌن تان ڀتا خوري جو منظم نيٽ ورڪ هلائي رهيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment