لنڊن/نيو يارڪ: آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري امن ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي جي خبرن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته دنيا جي اڪثر اسٽاڪ مارڪيٽن جي اشارن ۾ بهتري رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
خبر ايجنسي اي ايف پي موجب سيڙپڪارن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين کي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي اميد جي طور تي ڏٺو، جنهن سان تيل جي عالمي قيمتن تي دٻاءُ گهٽ ٿيو ۽ مارڪيٽ ۾ اعتماد بهتر ٿيو.
برينٽ خام تيل جي في بيرل قيمت ۾ هڪ ڊالر کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي ۽ برنٽ خام تيل جي في بيرل قيمت 79.44 ڊالر تي پهچي وئي آهي.
رپورٽن مطابق ثالثي ڪندڙ ملڪن ۽ سفارتي ذريعن ڳالهين لاءِ روڊ ميپ يا پلان آف ايڪشن جي نشاندهي ڪئي آهي، جنهن ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ حتمي معاهدي تي پهچڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
ان مثبت ماحول جي ڪري، عالمي منڊي ۾ خام تيل جي ٻنهي وڏن بينچ مارڪ جي قيمتن ۾ شروعاتي واپار دوران گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي طرف ايشيا، يورپ ۽ ٻين خطن جي اڪثر اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ اضافو ڏٺو ويو جنهن سبب سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو.
معاشي ماهرن موجب جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مستقل معاهدو ٿي وڃي ته عالمي توانائي مارڪيٽ مستحڪم ٿي سگهي ٿي، تيل جي فراهمي بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ عالمي معيشت تي ڪجهه دٻاءُ به گهٽجي سگهي ٿو.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه رڳو تيل جي قيمتن تي پر عالمي اسٽاڪ مارڪيٽن، توانائي جي شعبي ۽ وچ اوڀر جي مجموعي صورتحال تي به اهم اثر پئجي سگهن ٿا.


