ايران جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي آمريڪا طرفان ايران تي حملن کي سختي سان رد ڪندي انهن کي جارحيت قرار ڏنو آهي.
هن آمريڪي موقف کي چيلينج ڪندي چيو ته اهي آپريشن خود دفاع جي زمري ۾ نه ٿا اچن.
سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اسماعيل بقائي آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي هڪ دستاويز جو حوالو ڏنو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا اهو قدم پنهنجي اتحادي اسرائيل جي اجتماعي دفاع ۽ پنهنجي بچاءَ جي حق ۾ ڪيو.
ايراني ترجمان ان موقف تي سوال اٿاريندي چيو ته ”دفاع ڪهڙي خلاف؟ ڇا ايران طرفان ڪو هٿياربند حملو هو جنهن جي بنياد تي ان عمل کي جائز قرار ڏئي سگهجي؟ يقيناً نه.’
هن واضح ڪيو ته ان صورتحال کي خود دفاعي چوڻ درست ناهي پر اها ايران خلاف کليل جارحيت آهي. سندس چوڻ هو ته اهڙا عمل عالمي قانونن ۽ اصولن جي خلاف آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته سفارتي سطح تي اختلاف وڌڻ جو خدشو آهي.


