واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران مثبت ۽ تعميري رويو اختيار ڪري ته ان کي 300 ارب ڊالرن جي منجمد فنڊن تائين رسائي ڏئي سگهجي ٿي، جڏهن ته ايران سان ايٽمي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهين ۾ به اڳڀرائي ممڪن آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري سفارتي عمل ۾ حتمي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جي مهلت ڪا سخت يا آخري ڊيڊ لائن ناهي. سندس چوڻ هو ته ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ اعتماد ۽ مثبت رويو ضروري آهي.
آمريڪي صدر چيو ته ايران جي اربين ڊالرن جا اثاثا ۽ فنڊ مختلف پابندين سبب منجمد آهن پر جيڪڏهن تهران مثبت رويو اختيار ڪري عالمي اميدن موجب قدم کنيا ته انهن فنڊن تائين پهچڻ ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي.
ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران ان ڳالهه تي قائم آهي ته هو نه ته ايٽمي هٿيارن جي ترقي ڪندو ۽ نه ئي ان جي حاصلات جي ڪوشش ڪندو. هن چيو ته ايٽمي پروگرام ۽ ذخيرن بابت ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون به جلد شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
آمريڪي صدر وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته اسرائيلي قيادت ايران سان ممڪنه ڊيل تي اطمينان جو اظهار ڪري رهي آهي ۽ ڳالهين جي نتيجي تي خوش آهي.
خطي ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي جي حوالي سان هن چيو ته آمريڪي فوجون ڪجهه وقت تائين نار جي علائقي ۾ موجود رهنديون ته جيئن خطي جي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکيو وڃي.
صدر ٽرمپ پاڪستان ۽ قطر جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ ڌرين ۾ رابطا برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ قطر سفارتي ڪوششن ذريعي ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
آمريڪي صدر جو اهو بيان هڪ اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مختلف معاملن تي سفارتي رابطا ۽ ڳالهيون عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن.


