ڪراچي:
شهر قائد جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
تفصيل موجب مدراس چوڪ اسڪيم 33 ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو.
ڇاپو اختيارين موجب نوجوان جي سڃاڻپ 19 ورهين جي احمر علي طور ٿي آهي، جنهن کي سيني ۾ گوليون لڳيون آهن.
جڏهن ته فوري طور تي فائرنگ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو، پوليس ان حوالي سان وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري رهي آهي.
شارع فيصل آواري هوٽل ويجهو فائرنگ ۾ 34 ورهين جو ساجد پٽ نذير پير ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ڪورنگي ضياءَ ڪالوني ۾ گولي لڳڻ سبب 24 ورهين جو ساجد پٽ منور زخمي ٿي پيو.
زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ جناح اسپتال نيو ويو. ڇاپو اختيارين موجب ٻئي واقعا اڻڄاتل طرف کان گوليون لڳڻ سبب پيش آيا، جنهن بابت پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.


