راولپنڊي جي ٿاڻي ايئرپورٽ واري علائقي ۾ خانگي هائوسنگ سوسائٽي ۾ 11 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. پوليس موجب بروقت مداخلت ڪري ٻارڙي کي بچائي ورتو، پوليس خادم مسجد خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪندي ٻارڙي جي ڀاءُ ٻڌايو ته هو چناب بلاڪ جي خانگي هائوسنگ سوسائٽي ۾ رهي ٿو ۽ 11 ورهين جو ننڍو ڀاءُ ٽيوشن لاءِ ويو هو. هن چيو ته ڀاءُ واپس اچي رهيو هو ته گهٽي نمبر 31 ۾ نامعلوم شخص کيس روڪيو، جنهن جي سڃاڻپ مسجد جي خادم طور ٿي. ٻارڙي جي ڀاءُ پاران پوليس کي ٻڌايو ويو ته جوابدار ڀاءُ کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ کيس زبردستي مسجد جي بيسمينٽ ۾ وٺي ويا، جڏهن ته مسجد ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فوٽيج به حاصل ڪري سگهجي ٿي. مدعي جو وڌيڪ چوڻ هو ته بروقت ڪارروائي ڪري ٻارڙي کي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو پر هوءَ سخت صدمي ۽ خوف ۾ مبتلا آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ هو جاچ ۾ مصروف آهن.
Source link

راولپنڊي؛ مسجد جي خادم پاران 11 ورهين جي ٻارڙي سان زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش، ڪيس داخل
Leave a Comment Leave a Comment

