بوٽ بيسن ٿاڻي جي پوليس جي رشوت وٺڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
رپورٽن مطابق ڊي آءِ جي سائوٿ وائرل وڊيو جو فوري نوٽيس وٺندي ٻن آفيسرن کي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
سب انسپيڪٽر توحيد نويد ۽ سب انسپيڪٽر صفدر کي معطل ڪري فوري طور هيڊ ڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ترجمان سائوٿ زون پوليس ڪراچي موجب واقعي جي انڪوائري ايس ايس پي انويسٽيگيشن ڏکڻ کي ڏني وئي آهي. پوليس ۾ غير مسلکي رويي جي ڪا به گنجائش ناهي. اهڙين حالتن ۾ صفر برداشت واري پاليسي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.


