تهران:
ايراني فوج ۽ پاسداران انقلاب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران سان اڄ امن معاهدو ڪيو ويندو.
انقلابي گارڊز طرفان جاري ڪيل موقف ۾ چيو ويو آهي ته ايراني ڳالهين وارا اڳ ۾ ئي واضح ڪري چڪا آهن ته آچر تي ڪنهن به قسم جي معاهدي تي دستخط ٿيڻ جو ڪو به امڪان ناهي.
بيان ۾ اهو به چيو ويو ته آمريڪي صدر جا بيان حقيقتن جي ابتڙ آهن.
ايراني فوجي ذريعن موجب ٽرمپ جو 14 جون تي معاهدي جي تقريب منعقد ڪرڻ جو ذڪر صرف هڪ علامتي سياسي پيغام آهي جنهن جو مقصد ذاتي شهرت ۽ ميڊيا جي توجه حاصل ڪرڻ آهي.
تهران برقرار رکي ٿو ته اهڙيون دعوائون سنگين سفارتي عملن کي نقصان پهچائين ٿيون.
ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان کان اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران سان امن معاهدو اڄ پورو ٿي ويندو ۽ ان جي نتيجي ۾ آبنائے هرمز کي سڀني ڌرين لاءِ کوليو ويندو.
ٽرمپ موجب معاهدي کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ٿيندي ۽ صورتحال معمول تي اچي ويندي.
هن اهو به چيو ته آمريڪا مستقبل ۾ ايران ۽ پوري وچ اوڀر سان تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي ۽ اميد آهي ته اهو سمورو عمل جلد ۽ آساني سان مڪمل ٿي ويندو.
جڏهن ته ايران جي تازي ترديد کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي بيانن ۾ واضح تضاد سامهون آيو آهي.


